پهريون قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو

پهريون قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو: قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ جي ڌرتيءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو به سنڌ جي جيد عالم مخدوم سرور نوح رح ڪيو هو. فارسيءَ ۾ اهو ترجمو اهل فارس وارن کان به اڳ مخدوم نوح ڪيو. تاريخ تي نظر وجھڻ کان پوءِ اها خبر پوي ٿي ته ڪن ماڻهن بنا تحقيق جي اهو ڄاڻايو آهي ته قرآن مجيد جو سڀ کان پهرين ننڍي کنڊ ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو شاهه ولي الله محدث دهلويءَ ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه درسـت نـه آهي، ڇو ته مخدوم نوح رح 911 هه بمطابق 1506ع ۾ ڄائو هو ۽ سندس وفات 998هه بمطابق 1590ع ۾ ٿي هئي. جڏهن ته شاهه ولي الله محدث دهلوي جي ولادت 1114هه بمطابق 1702ع ۾ ۽ وفات 1176هه بمطابق 1762ع ۾ ٿي. هنن سنن کي ڀيٽڻ کانپوءِ اهو واضع ٿي وڃي ٿو ته برصغير ۾ سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو فارسيءَ ۾ ترجمو سنڌ جي عالم مخدوم نوح ڪيو ۽ اهو قرآن مجيد (فارسي ترجمي سان) سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو